بگائي مخدوم غلام محمد

بُگائي، مخدوم غلام محمد: ٻارهين صدي هجريءَ ۾ مخدوم غلام محمد بُگائي، جيڪو اصل موري تعلقي جي ڳوٺ ”بُگا“ جو رهاڪو هو، پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ عاشق رسول ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب جي ڄمڻ توڙي وفات جو سال معلوم ٿي نه سگهيو آهي. ميان نورمحمد ڪلهوڙي (1133هه/ 1719ع- 1167هه/ 1753ع) جي زماني ۾ مخدوم غلام محمد بگائي زنده هو. نهايت ئي پرهيزگار ۽ راست گو هو. سنڌيءَ ۾ مولود، معجزا ۽ مناقبا منظوم ڪيائين. ڪنهن واقعي تي ميان نورمحمد ڪاوڙجي کهڙن وارن مخدومن جي 222 ماڻهن، مريدن ۽ مخدومن کي مسجد ۾ شهيد ڪرايو. ان واقعي تي مخدوم غلام محمد بُگائيءَ سڄي واقعي کي منظوم ڪري، جمعي نماز تي ميان نورمحمد جي آڏو بيان ڪيو ۽ کانئس پڇيائين ته ”هن واقعي ۾ ڪيترائي عالم فاضل شهيد ٿيا آهن، تن جو ڪو داد ٿيندو؟ “


هن صفحي کي شيئر ڪريو